سيد سلطان علي شاهه بخاري جو ميلو

سيد سلطان علي شاهه بخاري جو ميلو: سيد سلطان علي شاهه بخاريءَ جو ساليانو ميلو 27، 28 ۽ 29 صفر تي شاهپور چاڪر لڳ حمير ڄارڪي، ضلعي سانگهڙ ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ اُٺن، گهوڙن ۽ ڏاندن جي ريس، ڪٻڊي جو مقابلو، ملهن جو مقابلو، سٺا دڪان سينگاريندڙ ۾ انعامي مقابلو، سرڪس، موت جو کوهه، ٻارن لاءِ جهولا، رڇ ۽ ڪتي جي ويڙهه ۽ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٽي.وي ۽ ريڊيو جا مشهور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن، جنهن جي لاءِ لنگر جو پڻ انتظام هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو